شاهه بلاول نوراني

شاهه بلاول نوراني: مشهور بزرگ بلاول نوراني'>شاهه بلاول نوراني اصل موجوده سنڌ جو رهاڪو هو، 900هه/15هين صدي عيسويءَ ۾ لاهوت (لسٻيلو) ويو، جتي هميشه لاءِ ترسي پيو. سندس مزار ضلعي لسٻيلي ۾ لاهوت ويجهو ڳوٺ شاهه بلاول نورانيءَ ۾ آهي. اهو ڳوٺ سندس نالي سان سڏجي ٿو. سندس مقبرو پٻ جبل تي آهي. ان جبل جي هنج مان مٺي پاڻي جو چشمو وهي ٿو. سندس درگاهه زيارتين لاءِ هر وقت کليل رهي ٿي، پري پري کان عقيدتمند درگاهه تي اچي حاضري ڀريندا آهن. عام رايو آهي ته انهي علائقي ۾ پهرين گوڪل نالي هندو راڄ ڪندو هو، جنهن کان بلاول نوراني'>شاهه بلاول نوراني مقابلو ڪري اهو علائقو فتح ڪيو.


لفظ شاهه بلاول نورانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو